شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي رجسٽرار مريد ابوپوٽو جي فرياد تي 25 نامزد ۽ 15 نامعلوم شاگردن خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي فائرنگ ڪرڻ، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يرغمال بڻائڻ جو ڪيس داخل ڪري دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا. نامزد شاگردن ۾ فقير اقبال ھيسباڻي، حنيف ميتلو، آصف رند، معراج شنباڻي، ڪامران ڪانھر، نثار ڪانھر، علي جان ڪانھر، شڪيل شر، سمير ڪانھر، محمد علي شر، شاھد، نادر گوپانگ، مظھر جيھو سميت 25 سڃاتل ۽ 15 اڻ سڃاتلن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. داخل ايف آ آر ۾ رجسٽرار مريد حسين ابو پوٽو موقف اختيار ڪيو آهي ته 3 ڏينهن اڳ 40 کان وڌيڪ ماڻھن جنھن ۾ 25 سڃاتل ۽ 15 اڻ سڃاتل ماڻھن منھنجي گھر مٿان فائرنگ ڪري حملو ڪيو ۽ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي يرغمال بڻايو. پوليس ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آندي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close