سنڌ

لاڙڪاڻي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لائي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي چنا محلي جي رهواسين مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان نعيم احمد قريشي پنهنجي ڀاءُ فهيم احمد ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي چيو آهي ته اسان جو پنهنجي مامي غلام محمد قريشي ۽ ماسڙ منظور پٺاڻ وارن سان گذريل چئن سالن کان پلاٽ تي تڪرار هلندڙ آهي. هن الزام لڳايو ته اسان جو وڏو ڀاءُ عبدالوحيد قريشي گذريل 19 مارچ تي رات جو 10 هين وڳي گهران نڪري دوا وٺڻ لاءِ شهر ويو ته گم ٿي ويو، جنهن جو موبائيل فون به مسلسل بند آهي. اسان سندس ڳولا ڪئي پر ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. شڪ آهي ته وڏي ڀاءُ عبدالوحيد قريشي کي مامي غلام محمد قريشي، ماسڙ منظور پٺاڻ وارن پلاٽ جي معاملي تان اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. حيدري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس ڀاءُ کي هن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هنن چيو ته ڀاءُ کير ۽ ڏهي جو دڪان هلائي پيٽ گذر ڪندو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ عبدالوحيد کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button