لاڙڪاڻي ۾ باڊهه شهر جي پيارو پاڙي جي رهواسي جوڳي فقيرياڻين جو مبينا ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ خلاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن حاجاڻي جوڳي، سونيه جوڳي، پياري، مٺي جوڳي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان غريب جوڳي فقير آهيون، هڪ هڪ روپيو پني نياڻي بيبي جوڳي جي شادي لاءِ ڏاج خريد ڪيو هو، جيڪو چوري ٿي ويو آهي. هنن الزام لڳايو ته علائقي جي بااثر شهزادو ساريو، خدن ساريو، منٺار جوڳي ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي نياڻي جي شادي لاءِ گڏ ڪيل ڏاج سونا زيور، ايل سي ڊي، سولر پليٽ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن. واقعي جي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close