زراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جو سبب مسلسل وڌندڙ درآمدي بل آهي:معاشي ماهر

پاڪستان ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي نئين مٿانهين سطح تي پهچي ويو. روپئي جي بي قدري جاري آهي. ڪالهه ڊالر انٽر مارڪيٽ ۾ 170 روپين جي رڪارڊ سطح تي پهتو. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت خريد 170 روپيا 48 پيسن تي وڃي پهتي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت خريد 171 روپيا 30 پيسا ۽ قيمت فروخت 172 روپيا 55 پيسا رهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جو سبب مسلسل وڌندڙ درآمدي بل آهي، جيڪو تجارتي ۽ جاري خسارن ۾ بيحد واڌ ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button