ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام لڳ پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله ماڇي ۾ وڏيري پاران چوري جو الزام هڻي ذهني معذور نوجوان دودو ماڇي تي وحشياڻي تشدد ڪرڻ خلاف نوجوان جي وارثن وڏيري ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي پي رجب علي سولنگي، ما ميرزادي ۽ ٻين چيو ته اسان سان بااثر وڏيري مصطفى پتافي ظلم ڪيو آهي.
اسان جي درويش نوجوان تي مبينا ڪوڙو چوري جو الزام هڻي وڏيري وڻ سان ٻڌي نوجوان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهي ۽ ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پٻڻ پوليس جوابدارن جي ونگارو بڻيل آهي، پوليس وڏيري مصطفى پتافي خلاف ڪابه اثرائتي ڪارروائي ناهي ڪئي، تشدد جو شڪار بڻيل نوجوان جي وارثن آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.