ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ مطالبن جي مڃتا لا مختلف ڌرين جو احتجاج خبر موجب ڪڪڙ جي ڳوٺ چوکنڊي واسي نوجوان جاويد ٻٻر پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو ته اشفاق ساريو، اظھر ساريو، غلام نبي، لياقت ٻٻر ۽ منير پنهور کان قرض کنيو هو، جنهن کان پو قرض واپس ڪيو پر وياجين وياج لڳائي رقمون ٻيڻيون ڪري 80 لک جو قرضي ڪري ڇڏيو آھي، وياج خور موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ ڏنو وڃي. ڪڪڙ واسي پورهيت ارباب لغاري پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته گلڻ لغاري ۽ حسين لغاري پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري دربدر آهيان. هن اختيارين کان گهر ڪئي ته پلاٽ تان قبضو ڇڏرايو وڃي. ٻئي طرف ڪڪڙ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف علي محمد نائچ، غازي بروهي، محمد سليم ۽ رفيق سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close