ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ منھن ۽ وات جي وڌندڙ ڪينسر کان بچاءُ لا ڀٽائي ڊينٽل ائنڊ ڪاليج پاران ڪاليج جي مئنجمينٽ ڊائريڪٽر غلام مصطفى بٽ، سي او ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، پرنسپال ڊاڪٽر پرمانند، چيئرمين ڊاڪٽر محمد باري، ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر مشتاق ۽ سرجن ڊاڪٽر ليکراج جي اڳواڻي ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايس ايس پي اسد علي چوڌري، ڊاڪٽرن، ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي مرحوم ڊي سي زاھد ميمڻ چوڪ تان ٿيندي پريس ڪلب پھتي. جتي مقررن خطاب ڪندي چيو ته وات جي ڪينسر ۾ هر سال واڌ ٿي رھي آھي، جنھن جو وڏو ڪارڻ پان، گٽڪو، مين پڙي ۽ ٻيون نشي آور شيون واپرائڻ آھي، مريضن ۾ نوجوانن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آھي. شهرين کي گھرجي ته نشي آور شيون کائڻ کان پرھيز ڪيو وڃي. ھنن پوليس ۽ واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن. ان موقعي تي ايس ايس پي اسد علي چوڌري چيو ته پوليس پاران ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، جلد ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close