پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال خلاف مظاهرو

شاهپور چاڪر: شاهپور چاڪر ۾ ٿيندڙ ترقياتي اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف ڪامل شاهه ڪالوني، ڳوٺ مبارڪ ڏاهري ۽ گهرام ڏاهري جي رهواسين سوڀو خان ڏاهري، جاويد ملڪ، صوفي انب فقير ۽ محمد صالح جهلڻ جي اڳواڻي ۾ ڪامل شاهه ڪالوني کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامل شاهه ڪالوني ۾ ٿيندڙ واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج جي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، پبلڪ هيلٿ کاتي ناليون مٿي ڪري ٺاهيون آھن، جنهن سان غريبن جا گهر هيٺ ٿي ويا آھن، پبلڪ هيلٿ عملدارن ڪرپشن ڪري پئسا ڦٻائڻ لاءِ غريب مزدور طبقي کي وڏو پريشان ڪيو آهي. واٽر سپلائي لاءِ پائيپن کي مزدور کڏ کوٽي پوري ٿا ڇڏين، ڪم دوران ڪو انجنيئر موجود ناهي، پائيپ بغير ترتيب جي لڳايا پيا وڃن، جنهن سبب ڪروڙن جي اسڪيم کي ڪرپشن جي ور چاڙھيو ويو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪمن جو معيار بهتر نه بڻايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button