پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جون 79 هون شهادت وارو ڏهاڙو ملهايو ويو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ شھر جي زرعي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ نوجوان شاگردن طرفان سنڌ جي عظيم ڪردار شھيد سورهيه بادشاهھ جي شھادت جي 79 ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شھيد سورهيه بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ليڪچر ڏيندي ذوالفقار مري چيو ته شھيد سورهيه بادشاهھ هڪ بهادر اڳواڻ ۽ گوريلو جهنگجو هو، جنهن پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، سندس محبت ۾ ڌرتي تان جان نڇاور ڪرڻ لا عورتن پڻ آزادي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. تقريب ۾ ليکڪ شمس مڱريو، پرنسپال محمد سليم چانگ، تاج محمد راڄڙ، فدا حسين راهو، گل بجير، محمد نواز ميربحر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد جي عظيم شھادت هميشه ياد رکي ويندي، اسان کي شھيد جي طرز زندگي ۽ نظريي تي هلڻ جي ضرورت آھي. ان موقعي تي حر نوجوان فورم جي اڳواڻن رحيم موچارو مڱريو، سيباڻو راڄڙ، رجب ساند، سجاد حسين مڱريو ۽ حيدر ساند خصوصي طور شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ ڪئمپس جي استادن ۽ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button