پاڪستانسنڌ

سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جي وبا تيز، وڏي انگ ۾ ٻارڙا مبتلا

سڪرنڊ: سڪرنڊ تعلقي جي مختلف ڳوٺن مراد چانڊيو، گولو چانڊيو، خميسو ماڇي، چوڌري شاهنواز، حمزو چانڊيو، ڪوڙو رستماڻي، ڄام جوڌو، وارياسو خاصخيلي، فتح پور، مراد چانڊيو، سنجر چانڊيو، ولي محمد چانڊيو، ٻيلو لاکو، ڳوٺ مير محمد منگواڻو ۾ ارڙي جي بيماري تيزي سان ڦهلجي رهي آهي. ارڙي سبب متاثر ڳوٺن جا ڪيترائي ٻارڙا بيماري جي ور چڙهي ويا آهن.

ڳوٺ دنگ ۾ مسڪان شاهه ڌي صالح شاهه، مريم ڌي ستار شاهه، آذان پٽ جاويد شاهه، زينب ڌي عزيز الله انڙ، فاطمه ڌي وقار عمراڻي سميت ٻيا ڪيترائي ٻار بيماري جي بستري تي پيل آهن. ضلعي بينظيرآباد جي وئڪسين ڪوآرڊينٽر ڊاڪٽر اسلم ڏاهري پاران متاثر علائقن جو دور ڪري وئڪسين جو عمل شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button