فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني پاران لاڙڪاڻي جي ڳوٺ يار محمد بليدي ۾ ڪڻڪ جي فصل جي نمائشي پلاٽ تي آبادگارن جي ڏهاڙي جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي زرعي شعبي جي خدمتن جي هيڊ عبدالجليل جروار چيو ته آبادگارن کي گهرجي ته هو متوازن ۽ مناسب ڀاڻ جو استعمال ڪن ته جيئن ضرورت موجب متوازن خوراڪ ڏئي ڪري وڌ کان وڌ منافعو ڪمائي سگهجي. هن چيو ته ايف ايف سي هارين جي بهتري لاءِ هميشه ڪوششن ۾ رڌل آهي ان لاءِ ڪمپني پاڻي ۽ زمين جو تجربو بلڪل مفت فراهم ڪري رهي آهي. تقريب ۾ ايگري آفيسر لاڙڪاڻو نياز احمد خان نمائشي پلاٽ جي حوالي سان سمورن مرحلن جي تفصيل بابت آگاهي ڏيندي چيو ته ڊي اي پي جو استعمال وڌ کان وڌ يوريا ڀاڻ جو استعمال مناسب ڪري سونا بوران ۽ سونا زنڪ جي استعمال سان پيدوار کي وڌائي سگهن ٿا. ايف ايف سي جي سيلز آفيسر مقصود احمد لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي دستيابي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر لاڙڪاڻو لال ڏنو جوڻيجو، اسد الله سولنگي ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close