مدئجي ويجهو با پاس وٽ هٿياربندن شر برادري جي شان محمد شر جي گهر تي ڪاهه ڪئي، گهر ۾ موجود عورت صدوري شر جوابدارن کي ڏسندي رڙيون ڪيون ته هٿياربندن کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد 37 رڍون ڪاهي ويا. ان سلسلي ۾ مسمات صدوري شر سندس مڙس شان محمد شر دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن صبح جو سوير 4 هٿياربند جن سان گڏ منهنجا ٻه ڀائر روشن، بگن شر ۽ ٻه نامعلوم ماڻهن اسان جي گهر تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي 37 رڍون ڪاهي ويا. هٿياربندن سان مزاحمت ڪرڻ دوران جوابدارن منهنجي گهرواري صدوري تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي. پوليس کي اطلاع باوجود پوليس لڙي به نه آئي. متاثرن پاران ٻن ڀائرن سميت چئن ڄڻن مٿان مدئجي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي. هوڏانهن واقعي بابت رابطو ڪرڻ تي پوليس چيو ته مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close