اسلام آبادپاڪستان

استعيفا نه ڏيندس،اپوزيشن کي سرپرائيز ڏيندس:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آخري بال تائين اپوزيشن جو ڄمي مقابلو ڪندس. بي اعتمادي رٿ وارو ميچ اسان کٽينداسين. ووٽنگ کان هڪ ڏينهن اڳ منهنجو ڪارڊ سامهون ايندو ۽ اپوزيشن کي سرپرائيز ملندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اپوزيشن جي سياست ختم ٿيڻ وڃي رهي آهي. ن ليگ جي سياست چوري بچائڻ لاءِ آهي، ڪنهن به صورت ۾ کين اين آر او نه ڏيندس. لکرائي وٺو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن چيو ته فوج سان اڄ به سٺا لاڳاپا آهن. پاڪستان اڄ بچيل آهي ته فوج جي ڪري بچيل آهي، فوج تي غلط تنقيد ڪئي ويندي آهي. فوج نه هجي ها ته ملڪ جا 3 ٽڪر ٿي وڃن ها. وزيراعظم چيو ته هاڻ ته ويڙهه شروع ٿي آهي، هار مڃڻ وارو ناهيان. تحريڪ انصاف کي هاڻوڪن ڏينهن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي آهي. فضل الرحمان ٽيم جو ٻارهون رانديگر آهي، هاڻ کيس ٽيم مان ٻاهر ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ صحافين سان ملاقات ڪندي وزيراعظم چيو ته نيوٽرل واري ڳالهه جو غلط مطلب ورتو ويو. نيوٽرل واري ڳالهه سٺائي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ جي حوالي سان ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪ فوج کي غلط تنقيد جو نشانو ويندو آهي. مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، فوج نه هجي ها ته ملڪ جا 3 ٽڪڙا ٿي وڃن ٿا. سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي سياست چوري ۽ چوري کي لڪائڻ لاءِ آهي. مخالف ڌر ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي ته مان گهر ويهي رهندس. ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس. ڇا مان چورن جي دٻاءُ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان، ڇا جهيڙي کان اڳ هٿ مٿي ڪري ڇڏيان؟ هن چيو ته بي اعتمادي رٿ وارو ميچ اسان کٽينداسين. ڪرپٽ ٽولي جي چوڻ تي ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، 60 کان 65 سيڪڙو باعزت عوام مون سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته 27 مارچ کان پوءِ منهنجي سپورٽ 90 سيڪڙو کان مٿي ٿي ويندي. منهنجو ٽرمپ ڪارڊ اهو آهي ته مون اڃا تائين ڪو ڪارڊ شو ئي ناهي ڪيو. مان ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندس. منهنجا 2 بنيادي اصول آهن، پهريون احتساب ۾ اين آر او نٿو ڏئي سگهان، ٻيو مان پنهنجي الله ۽ ملڪ سان غداري نٿو ڪري سگهان. مخالف ڌر سان هٿ ملائڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته ڪرپشن ۾ ٻڏل شخص سان هٿ نٿو ملائي سگهان. هنن جي سياست بي اعتمادي رٿ کان پوءِ ختم ٿي ويندي. هي سوچين ٿا ته پئسا خرچ ڪري حڪومت ڪيرائي ڇڏيندا. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار بابت سوال تي عمران خان چيو ته چوڌري نثار علي خان سان ملاقات ٿي آهي، چوڌري نثار سان 40 سال پراڻو تعلق آهي. هن سان ڪجهه وقت اڳ ملاقات ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button