اسلام آبادپاڪستان

جسٽس قاضي فائز جو آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ جوڙيل بينچ تي اعتراض

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ چيف جسٽس طرفان جوڙيل لارجر بينچ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي سپريم ڪورٽ بار جي پٽيشن ۽ صدارتي ريفرنس گڏ ڪرڻ جي معاملي تي خط لکيو ويو آهي. لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ بار جي شنوائي ۾ صدارتي ريفرنس شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. حيران آهيان جيڪو ريفرنس داخل ئي ناهي ٿيو، ان کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو؟ سپريم ڪورٽ بار جي پٽيشن ۽ صدارتي ريفرنس کي گڏ ڪري نٿو ٻڌي سگهجي. خط ۾ چيو ويو آهي ته بار جي درخواست آرٽيڪل 3/184 جي تحت داخل ٿي ان تي عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي. درخواست سان گڏ ريفرنس کي گڏ ڪري ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿو. درخواست 3/184 جي اختيار تحت ٻڌي پئي وڃي. جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ لکيو ته آئيني درخواست ۽ صدارتي ريفرنس جي شنوائي لاءِ بينچ ٺاهيو ويو آهي. بار جي درخواست جي شنوائي ڪندڙ بينچ ۾ چوٿين، اٺين ۽ تيرهين نمبر جي ججز کي شامل ڪيو ويو آهي. ائين ڪري اوهان پنهنجي اڳوڻي چيف جسٽس جي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو. ڇا اهم آئيني معاملن جي شنوائي لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس، چيف جسٽس جي بينچ جوڙڻ جو صوابديدي اختيار طئي ڪيو هو. اڳوڻي چيف جسٽس طئي ڪيو هو ته سينئر ججز تي ٻڌل بينچ شنوائي ڪندو. جسٽس فائز عيسيٰ خط ۾ وڌيڪ لکيو ته هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن تي سموري قوم سپريم ڪورٽ طرف ڏسي رهي آهي. جج طرفان کنيل حلف چوي ٿو ته هو پنهنجن فرضن ۾ ذاتي مفادن کي اهميت نه ڏيندو. چوڻي آهي ته انصاف نه صرف ٿئي پر ٿيندي نظر به اچي. چوڻي جو ذڪر ججز جي ضابطي اخلاق ۾ پنجين نمبر ۾ لکيل آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ اهو به لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز جي موجب بينچ جي جوڙجڪ جو اختيار شفافيت تي ٻڌل ۽ هر انصاف ۽ قانون موجب استعمال ڪرڻ آهي. پنهنجي خط ۾ هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس توهان کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي. هڪ بيورو ڪريٽ کي وزيراعظم هائوس مان امپورٽ ڪري رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي. عام تاثر اهو آهي ته هو فيصلو ڪندو آهي ته ڪهڙو ڪيس ڪنهن بينچ جي سامهون شنوائي لاءِ مقرر هجي. منهنجي خيال ۾ رجسٽرار جي مقرري عدليا جي انتظاميا کان الڳ ٿيڻ جي آئيني اصول جي ڀڃڪڙي آهي. خط ۾ وڌيڪ لکيو ته چيف جسٽس صاحب هي خط لکندي مون 2 ڀيرا سوچيو پر آئين جي آرٽيڪل 3/175 ۽ 180 ۾ آئين سينئر ترين جج جو ذڪر ڪري ٿو. سينيارٽي ذميواري به مقرر ڪري ٿي. سينيئر ججز بطور اداري سان لاڳاپيل هوندا آهن، جيتري قدر مون کي خبر آهي، توهان جا سمورا اڳوڻا چيف جسٽس، سينئر ججن سان صلاح مشورا ڪندا هئا. چيف جسٽس صاحب، توهان هن روايت کي به ختم ڪري ڇڏيو، جنهن جا اداري تي خراب اثر پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button