پاڪستانسنڌ

سنڌ کي ھن وقت گھڻ طرفن کان خطرا آھن: ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته سنڌ کي ھن وقت گھڻ طرفن کان خطرا آھن. تاريخ جي انتھائي مشڪل وقت مان سنڌ گذري رھي آھي. سنڌ جو جاگيردار طبقو بروڪر بنجي سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندو پيو اچي، انھن کي صرف پنھنجا ذاتي مفاد عزيز آھن. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاھه جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ڳالهھ ٻولھه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي پارٽين جي ايجنڊا تي سنڌ ناهي نه وري انهن کي سنڌ جي مسئلن سان ڪا دلچسپي آهي، سنڌ جي سمورن وطن دوست قومپرست ۽ پورهيت دوست پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ گهرجي.

عوامي جمهوري پارٽي سنڌ جي مفادن لاءِ سنڌ دوست ڌرين سان سياسي ۽ پارلياماني محاذن تي گڏجڻ لاءِ تيار آهي، ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن جي وچ ۾ سنڌ اندر جاگيردارن ۽ انهن جي پارٽين سان مقابلي لاءِ گڏيل سنڌ دوست ڌرين جو گڏيل پارلياماني اتحاد جوڙڻ جي لاءِ ڪوشش وٺڻ تي اتفاق ڪرڻ سان گڏ ڌارين جي آبادڪاري، آدمشماري، سنڌين جي حق حاڪميت، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ معدني وسيلن جي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪرائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ ٻين سنڌ دوست پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ ترقي پسند پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، قادر چنا، امتياز سمون، هوت خان گاڏهي، سارنگ انڙ، محمد علي ابڙو، اعجاز سنڌي ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button