پاڪستانسنڌ

بشير ھاليپوٽو سياست، ثقافت ۽ فيصلن جو امين ھو: ماتلي لڳ ورسي تقريب

ماتلي: 3 دفعا ايم اين اي، 2 دفعا ايم پي اي ۽ ھڪ دفعو بدين ضلعي ڪائونسل جو چئئرمين رھندڙ ناليواري شخصيت ۽ بشير احمد ھاليپوٽو جي پھرين ورسي ماتلي لڳ سندس ڳوٺ محمد صالح ھاليپوٽو ۾ ملھائٔي وئٔي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ايم پي اي ڏاڏا ھاليپوٽو جي ڪوآرڊينيٽر محمد صالح ھاليپوٽو، پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، اڳوڻي ايم اين اي ڪمال خان چانگ، محمد خان جوڻيجو، ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر، ارباب امان الله، قبول کٽياڻ، پير ايوب جان سرھندي، علي اصغر ھاليپوٽو، محمد اسلم راھو، حاجي غفور نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بشير ھاليپوٽو سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ فيصلن جو امين ھو، جنهن پنهنجي لا نه پر صرف ٻين لا پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي.

ھنن چيو ته بشير ھاليپوٽو ھڪ اصول پسند سياسي اڳواڻ ھو، جنھن اصولن تي سياست ڪئي ۽ ڪڏھن به سوديبازي نه ڪئي. ھنن چيو ته بشير ھاليپوٽي جي لاڏاڻو کانپو پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ۾ وقت لڳندو. ان موقعي تي بشير ھاليپوٽو جي پٽ شھزاد بشير ھاليپوٽو کي خانداني ۽ سرداري پڳ ٻڌرائي وئي، پڳ جو پھريون ور سندس خاندان جي ماڻھن ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button