حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا. خبر موجب يوم پاڪستان جي حوالي سان ضلعي انتظاميا طرفان ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهباز بلڊنگ چوڪ کان جنرل پوسٽ ماسٽر آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي، مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي حيدرآباد پاران رفيق مگسي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون استقباليه ڪئمپ لڳائي وئي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل حيدرآباد پاران رفيق مگسي، فقير اڪبر ڳاهو، عمران قريشي، پاڪستان آءِ ايس آءِ لورز فورم حيدرآباد پاران راجا سرور سومرو، ڊاڪٽر محمد اخلاق شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون.
معذورن جي تنظيم پاران محمد صديق لوڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڊفينس پيس موومينٽ پاران مرڪزي چيئرمين شڪيل احمد غوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي پروگرام منعقد ڪيو ويو، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي، جن پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا. بين المذاهب هم آهنگي پاران تسليم راجپوت، جميلا گوپانگ، شگفته ڪامران، نگهت ظفر، پاڪستان پيٽريوٽڪ يوٿ حيدرآباد پاران جبران عباسي، فهيم ابڙو، انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ پاڪستان پاران راڻا بشارت، حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز پاران مسرور اقبال، سليم الدين قريشي، سڪندر راجپوت، افروز عالم ۽ ٻين پڻ ريليون ڪڍيون. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن تاريخ جو عظيم ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن پاڪستان جي قرارداد منظور ٿي. علامه اقبال جنهن عظيم آزاد ملڪ جو خواب ڏٺو قائداعظم محمد علي جناح جي سرواڻيءَ ۾ اسان جي بزرگن عظيم جدوجهد ذريعي ان خواب کي ساڀيان ڏني.