پاڪستانسنڌ

ميرپوربٺورو ۾ ٿل ڪينال فيز 2 ٺاهڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌو دريا تي ٿل ڪينال فيز 2 ٺاهڻ خلاف حسين آزاد، گنهور زئور، بچل ملاح، عمر ڏيٿو، ايوب ٻائيتار، عبدارزاق ٻائيتار، ساگر پرهياڙ، اسماعيل گگهر، مرتضى زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ دشمن جي ڌرين آڏو گوڏا کوڙي انهن جا غيرآئيني شرط قبول ڪري سنڌ سان غداري ڪري رهي آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته ٿل ڪينال فيز 2 ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏنو ويندو. هنن چيو ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آھي، دهشتگردن جي چوڻ تي جيڪڏهن سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن کي ڪڍيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي ۽ ڪراچي تي دهشتگردن کي ڪڏهن به قابض ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button