سنڌ

لاڙڪاڻي جي اسڪول ۾ سائنسي ميلو، شاگردن جي ماڊلن جي نمائش

لاڙڪاڻي ۾ سچل پبلڪ اسڪول ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو. سائنسي ميلي ۾ چوٿين ڪلاس کان اٺين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، جن موهن جي دڙي، سنڌ جي ثقافت، تيار سولر سسٽم، واٽر سائيڪل، ڊائجيسٽوِ سسٽم، انساني عضون، جانورن، ٻوٽن، ماحوليات، مصر جي احرامن، اليڪٽرانڪ سُئي، خانه ڪعبه، سائنسي ڪچن، شهري ۽ ٻهراڙي زندگي بابت توڙي ٻين موضوعن تي ٺاهيل سائنسي پراجيڪٽس ۽ ماڊلز نمائش ۾ رکيا ويا. ان کان علاوه نمائش ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ڪارنر، فئملي ڪارنر ۽ اسلامڪ ڪارنر قائم ڪيو ويو. ان موقعي تي پروفيسر عبدالوحيد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جي حوصلي وڌائڻ لاءِ سائنسي ميلو ڪرائڻ سٺو سنئوڻ آهي، اهڙن ميلن سان ٻارڙن جي پڙهائيءَ ڏانهن نه صرف دلچسپي وڌنڌي پر سندن ذهنن تي مثبت اثر پوندا. پرنسپال مهوش ۽ ڊائريڪٽر عبدالمالڪ چانڊيو جو چوڻ هو ته سدائين ڪوشش رهي آهي ته ٻارن کي جديد طرز تي تعليم ڏيڻ سان گڏ کين صحتمند سرگرمين جو بندوبست ڪريون، هي سائنسي ميلو ۽ نمائش ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button