سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي قومي ڌارا ۾ شموليت

لاڙڪاڻي ۾ 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي مختلف قومپرست جماعتن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان الڳ الڳ پريس ڪانفرنس ڪري قومي ڌارا ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ قومپرست اڳواڻ آصف علي چانڊيو، احمد سومرو، ارشد تنيو، نويد چانڊيو، شاهد چانڊيو، گلاب چانڊيو سميت 60 کان وڌيڪ قومپرست اڳواڻن توڙي ڪارڪنن قومپرست سياست کي الوداع ڪري قومي ڌاري ۾ شموليت جو اعلان ڪري پريس ڪلب لاڙڪاڻو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قومپرست جماعتون سنڌ جي حقن جو نعرو لڳائي سنڌ جي نوجوانن کي تخريبڪاري ڪاررواين لاءِ استعمال ڪندا آهن. هنن چيو ته ايس آر اي، جسقم ۽ جساف جهڙيون تنظيمون سنڌي ماڻهن کي ڳجهي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن انهن تنظيمن جا اڳواڻ ملڪ دشمن ايجنسين جي پئسن تي پنهنجي خاندان سميت پرڏيهي ملڪن ۾ رهي هر طرح جون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن. اسان کي احساس ٿي ويو آهي ته انهن تنظيمن ۾ رهي شرمندگي ۽ وقت ضايع ڪرڻ سوا ڪجهه به حاصل نه ٿيو. نوجوانن کي اپيل ٿا ڪريون ته ڪنهن لسانيت يا قوميت جي سازش جو حصو نه بڻجڻ. اڄ کانپو ڪنهن قومپرست تنظيم سان ڪو واسطو ناهي ۽ اسان جون سموريون طاقتون پاڪستان لاءِ آهن. هوڏانهن قومپرست اڳواڻ امتياز چانڊيو، ماجد علي چانڊيو، ساجد شيخ، منصور علي ابڙو، جاويد انڙ پنهنجي 96 ساٿين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button