اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان سان ڪالهه ڪجهه صحافين جي ملاقات ٿي، ان دوران وزيراعظم جي موڊ ۽ باڊي لينگئيج بابت صحافين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاڻ کي پراعتماد ته ظاهر ڪري رهيو هو پر وزيرن جا چهرا لٿل هئا. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي رپورٽ مطابق وزيراعظم عمران خان سان 35 کان 40 منٽ صحافين جي ملاقات ٿي، ان دوران ساڻس ملاقات ڪندڙ صحافي عمران وسيم جو چوڻ هو ته وزيراعظم باڊي لئنيگيج مان ته ڪجهه ظاهر نه ڪري رهيو هو پر وزيرن جا منهن لٿل هئا. صحافي محمد ڪامران موجب وزيراعظم پراعتماد ۽ ڪمپوزڊ نظر اچي رهيو هو. هن چيو ته هي ڳالهه لکي وٺو، عدم اعتماد آئون ئي کٽيندس، اها اڳڪٿي ڪري رهيو آهيان. صحافي حسن ايوب جو چوڻ هو ته وزيراعظم پراعتماد هجڻ جو ڏيکا يا ايڪٽنگ ڪري رهيو هو پر اڳ واري رونق سندس چهري تي نه هئي. هن جو منهن ڪافي لٿل لٿل لڳي رهيو هو. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئون کٽان يا هارايان، ٻنهي صورتن ۾ خاموش نه ويهندس. حڪومت وڃي ته ڀلي هلي وڃي، گهر نه ويهندس. ملاقات دوران قانون وارو وزير فروغ نسيم نظر نه آيو. جڏهن ته پريڊ دوران آرمي چيف سان ٿيل نشت بابت سوال ته توهان جي اها ڪيمسٽري نظر نه پئي آئي، ان تي وزيراعظم چيو ته نه اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، مون ۽ هن جي وچ ۾ اهو ميڊيا جو پنهنجو تاثر آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان مفاهمت ڪرڻ کي مڪمل طور رد ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close