ڳڙهي حسن شاخ جي پيٽ مان مٽي کڻي في ٽريڪٽر ٽرالي 500 روپيا وڪرو ڪئي پئي وڃي. مٽي نڪرڻ سبب شاخ جا ڪپر ڪمزور ٿيڻ لڳا. ٻئي طرف شاخ مان مٽي جي چوري خلاف آبادگارن مير هزار سرڪي، شبير ڌوئو، نظام الدين ڪٽوهر، منظور ڌوئو، عبدالطيف کوسو ۽ ٻين چيو آهي ته شاخ مان مٽي چوري ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. مٽي کڻڻ سان شاخ جا ڪپر ڪمزور ٿيڻ ڪري پاڻي جي مد ۾ گھارن جو خطرو ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته آبپاشي عملدار ۽ ڊي سي جيڪب آباد نوٽيس وٺي مٽي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ته جيئن وڏي نقصان کان بچي سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close