قمبر ۾ پولٽري ڊيلر محمد قاسم چانڊيو کان هٿياربند موٽرسائيڪل ۽ رڪوري جا 3 لک روپيا ڦر ڪري ويا. متاثر ڊيلر ۽ پولٽري فارم ايسوسيئيشن پاران قمبر-لاڙڪاڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي حمزه علي چانڊيو، احسان چانڊيو، محمد قاسم چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته هن وقت شهر ۾ شريف شهرين ۽ واپارين جو جيئڻ جنجال بڻجي چڪو آهي. پوليس ڏوهارين ۽ ڦورن سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهنڪري وارداتن ۾ اضافو معمول بڻجندو پيو وڃي. هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته متاثر واپاري کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ رقم واپسي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close