سنڌ

سڪرنڊ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان وڏي ڀا هٿان ننڍو ڀا قتل

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان وڏي ڀاءُ ڪهاڙيون هڻي ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب سڪرنڊ ڀرسان ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان وڏي ڀا قالو جلباڻي ڪهاڙين جا وار ڪري ننڍي ڀا 45 سالن جي امام علي جلباڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مقتول جو لاش سڪرنڊ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. قتل واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس پهچي جا واردات جو معائنو ڪيو ۽ تفصيل ورتا. جڏهن ته دير تائين ڪيس داخل نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button