سنڌ

اوٻاوڙو ۾ ڌاڙيل پيش امام کي اغوا ڪري ويا،وارثن جو ٿاڻي آڏو مظاهرو

اوٻاوڙو ۾ ڌاڙيل پيش امام کي اغوا ڪري ويا. پوليس نه پهچڻ تي وارثن ٿاڻي آڏو مظاهرو ڪيو. خبر موجب اوٻاوڙو ۾ رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي. ڳوٺ ٽڳ جي مدرسه جو پيش امام حافظ علي محمد عباسي ۽ حافظ محبوب علي راڄڙي موٽر سائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته محمدپور لنڪ روڊ تي ھٿياربندن ٻنھي ڄڻن کي اغوا ڪرڻ بعد رستي ۾ هڪ ڄڻي حافظ محبوب راڄڙي کي تشدد بعد ڇڏي ويا، جنهن کانپو هن مغوي جي وارثن ۽ مدرسه انتظاميه کي اطلاع ڏنو. وارثن ۽ مدرسه انتظاميا رانوتي ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڪيو پر پوليس ڪارروائي نه ڪئي، جنهن کانپو مغوي جي وارثن ٿاڻي تي پھچي پوليس خلاف مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عبدالغفور حسيني، قاري الھجوايو، عبدالمجيد عباسي ۽ ٻين چيو ته رانوتي پوليس جي لاپرواھي سبب ڏوھاري سرگرم ٿي ويا آھن. ماڻهو اغوا ٿي رهيا آھن. مغوين جا وارثن ڀنگ ڀري پنهنجا ماڻهو بازياب ڪرائين ٿا پر پوليس مقابلن جي ڪوڙي دعوى ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button