اسلام آبادپاڪستان

ايمرجنسي قانون جو حصو آهي،چونڊون جلد به ٿي سگهن ٿيون:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ايمرجنسي قانون جو حصو آهي ۽ مون وزيراعظم کي سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي. جيڪي ماڻهو پارٽيون مٽائي رهيا آهن، انهن جي ذهن ۾ هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ اليڪشن جلد به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته هڪ هزار ايف سي يا هڪ هزار رينجرز اڃا گهرائي وٺنداسين. گهرو وزارت وٽ (ن) ليگ جي ڪائي درخواست ناهي آئي، سڀاڻي ڪوئي شرارت يا مسئلو ٿي وڃي ته گهرو وزارت ان جي ذميوار نه هوندي. خميس تي هتي پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن وارا 25 يا 26 تاريخ تي نڪرندا ۽ مان اسلام آباد انتظاميا کي چيو آهي ته ان سان رابطو ڪريو، اسان 2 هزار رينجرز هڪ هزار ايف سي يا هڪ هزار رينجرز وڌيڪ گهرائي وٺنداسين. هي ڪم اسان سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ڪيو آهي ته ٻنهي پارٽين کي جلسي جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته حالتون خير خيريت سان گذري وينديون ۽ پاڪستان جي تاريخ جو وڏو جلسو عمران خان 27 تاريخ تي شام 4 وڳي پريڊ گرائونڊ ۾ڪندو. گهرو وزير چيو ته هاڻي هنن ماڻهن کي فوج جو خيال اچي ويو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي ڇو ته ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته پاڪستاني فوج عظيم فوج آهي ۽ پاڪستان جي عدليا جي سوچ به وڏي آهي. هن چيو ته ڊي جي ايف آئي اي کي هدايت ڪئي ته جيڪو شخص پاڪ فوج ۽ عدليا جي خلاف سوشل ميڊيا تي اچي، ان جي خلاف بنا دير قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته هي نٿو ٿي سگهي ته ملڪ دشمن انڊين ايجنٽ ۽ انڊين پرڏيهي ايجندا تي ڪم ڪندڙ هن ملڪ ۾ عظيم فوج جي خلاف سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري سگهن. هي منهنجي دور ۾ نٿو ٿي سگهي ۽ انهن کي سختي سان چٿي ڇڏيندس. هن چيو ته جيڪڏهن انهن وٽ اسان جا ڪجهه ناراض ماڻهو آهن ته اسان وٽ به انهن جا ماڻهو آهن جيڪي نه ويندا. هي دلچسپ ۽ سٺو مقابلو آهي ۽ اوهان اڄ کان پوءِ سٺيون خبرون ٻڌندا. بلاول پاران گيٽ نمبر 4 جو دروازو نه کڙڪائڻ جي بيان تي شيخ رشيد چيو ته بلاول جا ته اڃا ڇٽي جا ڏند نه ڀڳا آهن، هي ته چوندو هو ته او آئي سي ڪانفرنس نه ڪرڻ ڏينداسين پر نهايت تاريخي ڪانفرنس ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان سان گڏ آهي، پاڪستان جي عدليا ذميوار عدليا آهي ۽ اپوزيشن کي به سوچڻو پوندو ته پاڪستان ۾ ڏچو نه ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button