اسلام آباد:وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي ايم ڪيو ايم ۽ مخالف ڌر جا معاملا طئي ٿي ويا آهن. ايم ڪيو ايم اپوزيشن کي بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن مخالف ڌر جي حمايت جو اعلان ڪندي. ان ڏس ۾ ڪالهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد اڳواڻي صدر پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد پهتو، جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، عامر خان، امين الحق ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. ان موقعي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت وچ ۾ ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير به موجود هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم اپوزيشن کي بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ ايم ڪيو ايم بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن مخالف ڌر جي حمايت جو اعلان ڪندي. پ پ بي اعتمادي رٿ ۾ حمايت تي ايم ڪيو ايم کي سمورا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. جڏهن ته عمل لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آصف زرداري ايم ڪيو ايم جي نڪتن کي مڃي ورتو ۽ ٻنهي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. اهي ميمبر پاڻ ۾ ويهي ايم ڪيو ايم جي نڪتن جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ عمل لاءِ قدم ۽ روڊ ميپ تيار ڪندا. پ پ قيادت جو چوڻ هو ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي هلڻو پوندو. جڏهن ته پ پ قيادت خاطري ڪرائي ته آئيني طريقي سان جيڪي شيون بهتر ڪري سگهجن ٿيون، انهن کي بهتر ڪيو ويندو. هوڏانهن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ۾ شامل نالا به سامهون اچي ويا آهن، ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان جاويد حنيف، ڪنور نويد ۽ خواجا اظهار، جڏهن ته پ پ جا مرتضيٰ وهاب، سعيد غني ۽ ڄام خان شورو شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close