اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته ووٽ هر صورت ۾ ٿيندو، ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ بي عزتي آهي، ڳڻپ کانپوءِ ڏسنداسين ته ان سان ڇا ڪجي. ڪير ميمبر عدم اعتماد جي معاملي تي ووٽ وجهڻ چاهي ٿو ته ان کي روڪي نٿو سگهجي. ڪالهه آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس ۽ سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي بي اعتمادي واري رٿ تي ڌرڻو روڪڻ جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل به شامل آهن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته ووٽ هر صورت ۾ ٿيندو، ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ بي عزتي آهي، ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ ڏسنداسين ته ان سان ڇا ڪجي. جيڪڏهن توهان علي الاعلان ووٽ ڏيندو ته پارٽي ته وئي، پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ويندو، اصل معاملو ته نااهلي جو آهي. ان دوران اٽارني جنرل عدالت ۾ اهو به اعتراف ڪيو ته ووٽ کانسواءِ 63 اي لاڳو نٿو ٿي سگهي، ڏسڻو اهو آهي ته ووٽ کانپوءِ ميمبر جو ڇا ٿيندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 63 اي ۾ هڪ طريقو آهي، آرٽيڪل 63 اي جي روح کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. عدالت جو ڪم خالي جايون ڀرڻ ناهي، اهڙا معاملا ريفرنس بدران پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن. شنوائي دوران چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب اسان اڳ ئي سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري چڪا آهيون، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته صوبن ۾ سموريون سياسي پارٽيون اڳ ئي نمائندگي رکن ٿيون. شنوائي کان اڳ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن، جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ ن صدارتي ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ته هر صورت ۾ ٿيندو، ووٽ وجهي نه ڳڻڻ توهين جوڳو آهي. ووٽ جي ڳڻپ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته ان سان ڇا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن توهان علي الاعلان پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندئو ته مطلب جماعت ته ڇڏي ڏني، پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وٽ ويندو. اصل معاملو ته نااهلي جي مدي جو آهي. ان دوران اٽارني جنرل تسليم ڪيو ته ووٽ بنا آئين جو آرٽيڪل 63 اي ڪنهن اسيمبلي ميمبر تي لڳي ئي نٿو سگهي، ڏسڻو اهو آهي ته ووٽ وجهڻ کانپوءِ ميمبر سان ڇا ٿيندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 63 اي ۾ هڪ طريقيڪار موجود آهي، آرٽيڪل 63 اي جي روح کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. عدالت جو ڪم خالي جاءِ ڀرڻ ناهي، اهڙا معاملا ريفرنس بدران پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته جڏهن آئين ۾ اهو واضح نموني لکيل آهي ته فلور ڪراسنگ جا نتيجا ڇا هوندا، ته توهان اسان کان ڇا وٺڻ آيا آهيو؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته نااهلي تاحيات ٿئي؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته خواهش ته اها آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿئي. ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جي را اهميت جي حامل هوندي. ان تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ڇا توهان فلور ڪراسنگ تي پابندي هڻي پارٽي سربراهه کي بادشاهه بڻائڻ چاهيو ٿا. ان تي اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن بادشاهه نٿا بڻائڻ چاهيون ته لوٽا به نٿا بڻائڻ چاهيون. جڏهن ته ڪيس جي شنوائي تائين ملتوي ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close