اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

وزيراعظم عمران خان،مراد سعيد ۽ علي زيدي تي ٽيون ڀيرو 50 هزار ڏنڊ

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان درگئي ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان تي 50 هزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن مطابق وزيراعظم تي ڏنڊ چونڊ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪيو ويو. عمران خان کي وضاحت لاءِ 22 مارچ تي طلب به ڪيو ويو هو پر وزيراعظم ڊي ايم او آفيس ۾ ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش نه ٿيو. اليڪشن ڪميشن مطابق عمران خان کي خميس تي ٻيهر وضاحت لاءِ گهرايو ويو پر هو پيش نه ٿيو. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان تي به 50 هزار رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو. ان کان سواءِ مراد سعيد، علي زيدي تي به 50-50 هزار رپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن وزيراعظم ۽ وزيرن تي ڏنڊ جي رقم 27 مارچ تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button