نئون دمبالو: نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ حاجي محمد جسڪاڻي ۾ ٻن غريب پورهيتن حاجي مڱڻھار ۽رجب مڱڻھار جي گھرن کي اوچتو باهھ وڪوڙي ويئي، جنهن سبب غريب پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا آھن، گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا ۽ ڪڻڪ سميت سمورو سامان سڙي ويو.
جڏھن ته فائيربرگيڊ کي اطلاع تي يڪدم پهچي باھه کي ڪنٽرول آندو ۽ وڌيڪ ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. جڏھن تي متاثر غريب پورهيت معصوم ٻارن سميت کلي آسمان هيٺ ويٺل آھن، ڪنهن به چونڊيل نمائيندي سار نه لڌي آھي.