پاڪستانسنڌ

ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ، 14 ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي پيل

ڪڍڻ: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ، 14 ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي پيل، غريب مسڪين ماڻھو صحت جي سهولتن کان محروم، خبر موجب ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ گذريل 4 سالن کان عملي ۽ دوائن جي کوٽ هجڻ ڪري 8 بيڊن تي ٻڌل اسپتال ۾ 13 کان 14 مختلف شبعن جي ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي پيل آهن، جڏهن ته ٻن تعلقن جي ساحلي پٽي جي عوام کي صحت جون سھولتون ڏيندڙ اسپتال ۾ صرف 2 ميل ۽ 2 ليڊي ڊاڪٽر موجود آهن، اسپتال ۾ ايندڙ مريض پريشان ٿيڻ لڳا، رورل ھيلٿ سينٽر کي 3 سالن کان ھلائيندڙ (آئي ايڇ ايس) اينٽيگريٽڊ ھيلٿ سروس اين جي او به جوڳا انتظام نه ڪري سگھي، جنھن بعد گذريل هڪ سال کان اسپتال ڊي ايڇ او بدين حوالي ٿيل آھي.

ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت حسين خواجا ٻڌايو ته عملي جي کوٽ ۽ دوائون نه ھئڻ بابت لاڳاپيل عملدارن کي آگاھه ڪيو آهي، مسئلو حل ڪرڻ انھن جو اختيار آھي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر شير نھڙيو چيو ته ان معاملي کي ڏسان ٿو جلد حل ڪيو ويندو، صحت جي سھولتن ۽ عملي کوٽ بابت شھرين رميش ڪمار، سليم نھڙيو، دلاور خواجا ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته صحت جي حوالي سان ڏاڍا پريشان آھيون، اسان وٽ صحت جون ڪي به سھولتون نه آھن، هنن چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي آر ايڇ سي ڪڍڻ ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري صحت جا جوڳا بندوبست ڪري عوام کي صحت جي سھولت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسان ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button