پاڪستانسنڌ

ملڪ اندر وفاقي پارٽين ۾ صرف اقتدار لا جهيڙو آهي: عبدالفتاح سميجو

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو چيو آهي ته ملڪ اندر وفاقي پارٽين ۾ ڪوبه نظرياتي، فڪري يا عوام جي مفادن وٽان تڪرار ناهي پر انهن ۾ صرف اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ جيهڙو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سينٽرل باڊي جي اجلاس کي صدارت خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي اندر هڪ سازش تحت ڌارين جي آبادڪاري کي هٿي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڌارين جا سنڌ ۾ ووٽ داخل ڪري کين سنڌ جي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ جا اختيار ڏنا پيا وڃن.

هنن سمورين سازشن ۾ پ پ پ جو وڏو ڪردار آهي. پ پ پ همشه اقتدار جي لاءِ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندي رهي آهي. هاڻي به اقتدار جي حاصلات لاءِ هڪ پاسي پي ڊي ايم سان لڪيل معاهدا ڪيا آهن ته ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جا سنڌ دشمن شرط تسليم ڪيا ٿا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جي اندر بدامني ۽ لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪنهن به ماڻهو جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ناهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي سنڌ اندر ميمبرسازي لاءِ مهم هلائي ويندي ۽ تعلقي سطح تي ڪئمپون لڳايون وينديون. اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون ۽ نثار ڪيريو شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button