پاڪستانسنڌ

واهي پانڌي ڀرسان ٻارڙي جي شادي، ڪنوار بازياب، گهوٽ گرفتار

دادو: واهي پانڌي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش لاشاري ۾ 3 ڏينهن اڳ 11 سالن جي نينگري شهلا گل ڌي سڪندر لاشاري جي شادي جاويد پٽ محبت لاشاري سان ڪرائي رخصتي به ڪئي وئي، نينگري جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي دادو معاملي جو نوٽيس وٺندي واهي پانڌي پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون جي نوٽيس بعد واهي پانڌي پوليس ڇاپو هڻي ننڍي عمر جي ڪنوار شهلا لاشاري کي بازياب ڪرائي گهوٽ جاويد لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف واهي پانڌي پوليس سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت گهوٽ جاويد لاشاري، مولوي منظور لاشاري ۽ ڪنوار جي پيءَ سڪندر لاشاري تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد گرفتار جوابدار ۽ بازياب ڪرايل نينگري کي واهي پانڌي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کان پو عدالت نينگري کي ماءُ حوالي ڪرڻ جا حڪم ڏنا. جڏهن ته گرفتار گهوٽ کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button