پاڪستانسنڌ

ڪراچي سنڌين جو شهر هو، آهي ۽ هميشه رهندو: نثار ڪيريو

ملير: گلشن حديد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مرڪزي رابطا سيڪريٽري نثار ڪيريو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، گلشن حديد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مرڪزي رابطا سيڪريٽري نثار ڪيريو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، تقريب ۾ مرڪزي عهديدارن سميت ضلعي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ايندڙ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي قومپرست پارٽين کي ايندڙ ۾ اليڪشن ۾ پاڻ ملهائڻ جي دعوت پڻ ڏني.

آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻن نثار ڪيريو چيو ته سنڌي ماڻھو ڪراچي ڏانھن رخ ڪن ته جيئن ڪراچي تي پنهنجي مالڪي قائم ڪري سگهون، هن چيو ته ڪراچي سنڌين جو شهر هيو، آهي ۽ هميشه رهندو، ڪراچي اندر ھر محاذ تي جدوجھد ڪري پنهنجي سنڌي ماڻهن کي حق ڏياربا، خير محمد مگسي چيو ته اسين ڪراچي جو سمنڊ بچائينداسين، اسين هميشه جاگيردارانا ۽ وڏيرڪي نظام کي رد ڪيو آهي پر جاگيرادارانا نظام کي هٿي وٺرائي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button