پاڪستانسنڌ

گلشن حديد ۾ چئن ڏينهن جو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو

ملير: گلشن حديد ۾ فريد پبلشر ۽ ملير نيشنل پريس ڪلب طرفان چئن ڏينهن جو ڪتابي ميلو لڳايو ويو، ميلي جو افتتاح وڏي وزير جي معاون خاص سلمان عبداللھ مراد، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عبدالقادر شر، پ پ اڳواڻ مير عباس ٽالپر، ايڊووڪيٽ اعجاز سومرو، آغا طارق پٺاڻ، ڪي بي پٺاڻ، غلام رضا جتوئي، رائو صفدر حيات، عبدالستار بٽ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي ويلفيئر ڊپارٽمينٽ نبيل بلوچ ۽ ٻين ڪيو. علائقي جي اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت ڪتابن سان چاھ رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ وڏي وزير جي معاون خاص پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد، پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ اعجاز سومرو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عبدالقادر شر، آغا طارق پٺاڻ، مير عباس ٽالپر ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪتابي ميلا نوجوانن لا علم جي لاٽ ۽ شعور جو ذريعو آھن، جنهن مان نوجوانن کي فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي، ڪتابي ميلو هڪ شعور طرف وڌايل وک آهي، ڪتاب علم جي کاڻ هوندا آهن، ڪتابن جي مطالعن سان علمي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، هنن وڌيڪ چيو ته نوجوان شاگردن کي گهرجي ته ڪتابن جو مطالعو ڪن ته جيئن دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button