پاڪستانسنڌ

منهن جي پڪائي سان خالي ڀڀڪيون هڻڻ عمران جو پراڻو ڪم آهي: يوسف بلوچ

ملير: پيپلزپارٽي ايم پي اي يوسف بلوچ چيو آھي عدم اعتماد واري ڏينھن پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي، ڪنھن به غيرجمھوري عمل جي اسان سخت مزاحمت ڪنداسين، نيازي حڪومت جو جلد جمهوري طريقي سان خاتمو ٿي ويندو ۽ عوام سک جو ساهه کڻندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف علائقن ۾ دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

پ پ ايم پي اي يوسف بلوچ چيو ته عمران خان هاڻي ئي شڪست کائي چڪو آهي، منهن جي پڪائي ڪري خالي ڀڀڪيون هڻڻ عمران خان جو پراڻو ڪم آهي، هاڻي کان ئي عمران خان ۽ ان جا ساٿي ڀڄڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button