پاڪستانسنڌ

عمران جو ٽرمپ ڪارڊ ۽ سرپرائز سڀ ڊرامو آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته عمران خان جنهن ڪنٽينر تي چڙهي اقتدار ۾ آيو هيو، هاڻي انهيءَ ڪنٽينر تي چڙهي بني گالا واپس ويندو. اسماعيل راهو چيو ته عمران خان جو جنهن ڪهاڻي جو آغاز “ڊٽ ڪي کڙا هي ڪپتان” سان ٿيو هو هاڻي ان جو اختتام “ڀاگ رها هي بزدل ڪپتان” سان ٿي رهيو آهي.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان هاڻي وزيراعظم ناهي رهيو ڇو جو هو عوام ۽ اتحادين جو اعتماد وڃائي چڪو آهي. اسماعيل راهو چيو ته ملڪي تاريخ ۾ آصف علي زرداري واحد سياسي اڳواڻ هوندو، جنهن کي قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد تحريڪ ۾ انشا الله ڪاميابي ماڻڻ جو اعزاز حاصل هوندو. هن چيو ته عمران جو ٽرمپ ڪارڊ ۽ سرپرائز سڀ ڊرامو آهي، هن وٽ هاڻي ڪوبه آپشن ناهي بچيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button