پاڪستانسنڌ

اقتدار لا سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو

حيیدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جي عوام سان جمھوريت، اٽي، لٽي، اجھي ۽ تبديلي جي نالي ۾ دوکا ٿيا آھن، اقتدار جي جنگ لا سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي ڪئي وئي ۽ دھشتگردن کي سنڌ ۽ عوام تي مسلط ڪيو ويو، ھن اھڙو اظھار آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ڊاڪٽر جاويد لغاري، اصغر پٺاڻ، عزيز نظاماڻي، منظور ميمڻ، بھادر جوڻيجو، محمود ڏاھري، نواب سيف الدين لغاري، سرور خشڪ، مرتضيٰ مورائي، ممتاز چانگ، محي الدين مورائي ۽ ٻين طرفان ڏنل آجياڻي جي موقعي ڳالھائيندي ڪيو.

اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته عالمي طاقتن پنھنجن مفادن لا پاڪستان کي استعمال ڪيو، دھشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون وڏيون قربانيون آھن، آئي ايم ايف ۽ عالمي مالياتي ادارن جي پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ مھانگائي ۽ غربت آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي، وفاق پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، پنجاب زبردستي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪومتي وڏيرا زبردستي کڻي وڃن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button