پاڪستانسنڌ

جمهوريت جي بحالي ۾ وڪيل برادري جو وڏو ڪردار آهي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ بنيادي حقن جي تحريڪ ۾ وڪيل برادري جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ماضي ۾ آمريتن خلاف نه صرف قانوني ويڙهه ڪئي پر روڊن رستن تي به جدوجهد ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي حيدرآباد بار ڪائونسل جي نئين چونڊيل عھديدارن کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ضيا جي آمريت کان ويندي مشرف جي آمريت تائين اسان وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جدوجهد ۾ نه صرف پنهنجو پگهر وهايو پر پنهنجون زندگيون ڏئي ھن ملڪ جي اندر جمهوريت جي نظام کي بحال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ جي اندر ڌارين جي يلغار آهي. سنڌ جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪري ڌارين کي ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن اسان اڃان تائين سجاڳ نه ٿياسين ته اسان جو حشر فلسطين وارو ٿيندو. آجياڻي ۾ ماما يوسف لغاري، غلام چانگ، قانوندان انڊر جيت لوهاڻو، سچل اعواڻ، ستار سرڪي، ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاهاڻي، حيدر ملاح، عاشق سولنگي، قادر چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button