ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ڪيس جي شنوائي دوران قادر پٽيل جي غيرحاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
عدالت قادر پٽيل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.