پاڪستانسنڌ

سخي حضرت ڇتن شاهه بخاري جو عرس شروع، زائرين جي ڌمال

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي کائي روڊ تي قائم درگاهه سخي حضرت ڇتن شاهه بخاري (جاني بابا) جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو. سينيٽر مولابخش چانڊيو، صوبائي صلاحڪار صغير قريشي ۽ پاشا قاضي درگاهه تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو. ميلي ۾ سوين عقيدتمندن شرڪت ڪئي ۽ ڌمال هنئي. عرس دوران محفل نعت به سجائي وئي، جنهن ۾ نعت خوانن نعتون پيش ڪيون. ڪيو. عرس جي موقعي تي درگاهه کي سينگاريو ويو، عقيدتمندن درگاهه تي حاضري ڀري دعائون گهريون. جڏهن ته پاشا قاضي جي اڳواڻي ۾ مينڌي جي رسم ادا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button