اسلام آبادپاڪستان

عمران عوام سان دوکو ڪيو،هاڻ ڌمڪائڻ جي ڪوشش نه هلندي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جيئن عوام کي دوکو ڏنو، ائين ئي اتحادين کي به استعمال ڪيو. عوام اڄ پارليامينٽ ڏانهن ڏسي رهيو آهي. شاهه زين بگٽي جو فيصلو بهادري وارو آهي، هو پنهنجي زبان تي قائم رهڻ وارو آهي. ڪالهه شاهه زين بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ مسئلن جو شڪار آهي، وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جو اپوزيشن سان رويو سڀني جي سامهون آهي. حقيقي عوامي نمائندا سامهون اچڻ تائين اسان اصل مسئلن مان نه نڪري سگهنداسين. چونڊ سڌارن کانپوءِ صاف شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، عوام عمران خان جي اصليت ڄاڻي چڪو آهي. اتحادين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اتحادي پنهنجو فيصلو ڪري چڪا آهن. وزيراعظم جي سرپرائز جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سرپرائز جي اعلان ۾ گهڻي دير ٿي ڪئي وئي، هاڻ ڌمڪائڻ ۽ دٻائڻ جي ڪوشش نه هلندي. پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، بلوچستان جا مسئلا تمام ڏکيا آهن، تاريخ ۾ بلوچستان جي عوام سان انصاف نه ٿيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته پنهنجي عوام سان انصاف ڪرڻو پوندو. حڪومت اتحادين سان ڪيترائي واعدا ڪيا پر انهن تي عمل ناهي ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سمورن صوبن کي سندن حق ڏنا ويا؟ معاشي مسئلن باوجود بلوچستان مان ڪو به حق کسيو نه ويو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button