پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي لڳ صحافي اياز لغاري جي گهر کي باهه

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ڀرسان يوسي لانڍي جي ڳوٺ حاجي سھراب خان لغاري ۾ سينيئر صحافي اياز علي لغاري، عوامي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حسن لغاري ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محمد اسلم لغاري جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سونا زيور، 20 مڻ ڪڻڪ، هنڌ بسترا، 3 لک روڪ، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو، باهه ۾ 4 ٻڪريون به سڙي مري ويون. فائر برگيڊ چمبڙ کي اطلاع ڏنو ويو، ان دوران ڳوٺاڻن باھه واري ھنڌ پھچي باھه وسائڻ ۾ لڳي ويا، دير سان پهتل فائر برگيڊ چمبڙ جو عملو باهه وسائڻ بدران رڳو موبائل تي سيلفيون ٺاھڻ ۾ لڳي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مڙسي ڪري ٽريڪٽرن ٽرالين ذريعي پاڻي ڀري باھه وسائي ڇڏي، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. گهر ڌڻين موجب باهھ سبب جاني نقصان ناهي ٿيو، رڳو مالي نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button