پاڪستانسنڌ

انتظاميا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پئي:فنڪشنل ليگ عمرڪوٽ

عمرڪوٽ: حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي معززن ۽ ڪارڪنن خلاف عمرڪوٽ انتظاميا گذريل چئن سالن کان ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪري رهي آهي، بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود انتظاميا نوٽيس نٿي وٺي. حر جماعت جي معزز شخصيت رٽائرڊ ميجر رضا محمد راڄڙ تي جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي عمرڪوٽ جي صدر فقير مگهن مڱريو ۽ سنڌ جي صوبائي نائب صدر فقير خضر حيیات مڱريو عمرڪوٽ پريس ڪلب م پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن عمرڪوٽ پوليس اسان جي معزز شخصيت فقير رضا محمد راڄڙ خلاف جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، اھو جهيڙو پلاٽ جي تڪرار تان ٺڪرن ۽ مالهين جي وچ ۾ ٿيو هو، فقير رضا جو جهيڙي واري ڏينهن ڏهرڪي ۾ هو. هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙي ڪيس جي ڪنهن ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس دورن فقير لياقت جوڻيجو، غلام محمد مهر، فقير صادق راڄڙ، رمضان راڄڙ، فقير غلام محمد مڱريو، جلال مڱريو، شبير راڄڙ، محمد شريف راڄڙ، فقير غلام نبي مڱريو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button