پاڪستانسنڌ

پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڀائر سنڌ جي حقن لا ساٿ ڏين:ڄام فتاح

ڊگهڙي: سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڊگهڙي شهر ۾ قومي ڪچهري جي عنوان هيٺ شاندار جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو ڪئي. جلسي کي ڄام عبدالفتاح سميجو، مرڪزي اڳواڻن امتياز سمون، ڊاڪٽر احمد نوناري، شاهنواز سيال، سنڌ ترقي سند پارٽي جي ضلعي صدر مير يونس ٽالپر، سياسي سماجي اڳواڻن لياقت علي ساهي، علي حسن قائمخاني، چوڌري نويد گل، ممتاز رياڙ، احسان علي جروار، مير اعجاز ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي هن قومي ڪچهري جو اصل مقصد اهو آهي ته سنڌ ۾ آباد پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن سميت مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ اهي سنڌ دوست ڌريون، جيڪي سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ما تسليم ڪن ٿيون، انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سندن اڳيان سنڌ جا ڏک سور تڪليفون بيان ڪجن ۽ سنڌ جي حقن جي جدوجهد لا ميدان تي اچڻ جي دعوت ڏيون. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 14سالن کان سنڌ کي لٽڻ ڦرڻ، ڪرپشن ۽ تباهي ڪرڻ کانسوا ڪجھه به ناهي ڏنو، فصلن جي پوکي جي وقت پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪيو وڃي پيو، سنڌ جا تعليمي ادارا، اسپتالون، روڊ ۽ رستا تباھه ٿي چڪا آهن، سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ظالم جاگيردارن حوالي ڪيو ويو آهي، جن کي جيئن وڻي تيئن ڪن، انهن کي اجازت مليل آهي، سنڌ ۾ 6 ماڻھن کي بيگناهھ قتل ڪيو ويو ته جوابدار ظالم ڀوتارن خلاف پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لا تيار نه هئي، آخرڪار انهن جا لاش روڊن تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، تڏهن ڪيس داخل ٿئي ٿو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جا اصل دشمن ظالم ڀوتار آهن، جيڪي سنڌ جون زمينون سنڌ دشمن حوالي ڪري سنڌ جا ٻيٽ ۽ ٻيا وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، جن خلاف سنڌي، پنجابي اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي جدوجهد جي ميدان تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. لياقت علي ساهي، چوڌري نويد گل، علي حسن قائمخاني، ممتاز رياڙ، وڪيل فداحسين آرائين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ آباد سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ سڀ سنڌ آهن، اسان جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان آهي، سنڌ تي ڏکيو وقت آيو ته پاڻ سڀ ڪلهو ڪلهي ملائي بيٺل هونداسين. جلسي کي پرويز نوحاڻي، وڪيل قلندر بخش لغاري، ڪامريڊ نيمداس ڪولهي، صدر پريس ڪلب امان الله مهر، علي شاهھ، اشفاق احمد اشفي ۽ ٻين خطاب ڪيو. قومي راڳي دليپ ڪمار ميگهواڙ قومي گيت پيش ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button