پاڪستانسنڌ

ڏيپلو ۾ نوجوان وڻ ۾ ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

ڏيپلو: ڏيپلو جي ڳوٺ دونھائي سومرا ۾ 36 سالن جي نوجوان نواز علي پٽ جان محمد سومرو گھرن ويجهو وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي ڏيپلو پوليس سرزمين تي پھچي ٽنگيل لاش لاھي تفصيل وٺڻ بعد تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جا چار ٻار آهن، پاڻ به سرڪاري ملازم ھو، پر ٻن ٽن سالن کان مسلسل بيمار رھڻ ڪري پريشان ھو، رات دير سان گھران نڪري گھرن جي ويجهو وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، صبح جو گھرواري گھر ۾ نه ڏسندي گهروارن کي چيو، جن پير کنيو ته گهرن جي ويجهو لاش ٽنگيل ڏٺو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button