سنڌ

” ڦر ٿيل ڪار واپس ڏياريو“ لاڙڪاڻي ۾ ميهڙ واسين جو احتجاج

ميهڙ جي مدينه ڪالوني جي رهواسي پورهيت رياض حسين سولنگي پنهنجي ڀاءُ محمد ياسين سولنگي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته 20 سيپٽمبر تي پنهنجي ڪار ۾ لاڙڪاڻي سچل ڪالوني ۾ هڪ خانگي اسپتال مان دوا وٺڻ آياسين، جتان ميهڙ واسي جوابدارن اختر پنهور، اختيار پنهور ۽ خليق زمان چانڊيو اسان کان هٿيارن جي زور تي ڪار ڦري ويا. اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر سچل ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرائي، پوليس هڪ جوابدار اختر پنهور کي گرفتار ڪيو، باقي ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه پئي ڪري ۽ نه ئي ڦر ٿيل ڪار واپس ڪرائي آهي، جوابدار ڪار واپس ڪرڻ لاءِ 5 لک ڀنگ گهري رهيا آهن. هن الزام لڳايو ته سچل ٿاڻي جو ايس ايڇ او نيئر احمد بروهي رشوت عيوض اسان جو ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦريل ڪار واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button