سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان مبينا کنڀيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

بلوچستان جي علائقي گنداخه جي رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن بيواهه عورت رخسانه چانڊيو پنهنجي ڌيئرن سهانه، آلڪه، ننهن شازيه چانڊيو ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ لشڪري چانڊيو جي رهواسي بااثر همت چانڊيو، سليم چانڊيو، وسيم چانڊيو، غلام قمبر، وحيد چانڊيو، حبدار چانڊيو ۽ ٻين ميرو خان پوليس کي رشوت ڏئي 23 مارچ تي منهنجي 18 ورهين جي پٽ محسن چانڊيو کي بيگناهه گرفتار ڪرائڻ بعد گم ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو، پٽ جي گرفتار ٿيڻ بعد مان لاڙڪاڻي ۽ قمبر پوليس عملدارن وٽ وئي آهيان، پر انهن سان ملڻ ناهي ڏنو ويو، پٽ جي گرفتار ٿيڻ بعد اسان سخت پريشان آهيون. خدشو آهي ته پوليس پٽ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيندي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ميرو خان پوليس کان پڇاڻو ڪرڻ سميت بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button