سنڌ

اوٻاوڙي ويجهو هفتو اڳ اغوا ٿيل پيش امام مبينا مقابلي بعد بازياب

اوٻاوڙي ويجهو رانوتي ٿاڻي جي حد محمد پور لنڪ روڊ وٽان 6 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ ٽڳ جو رھواسي مدرسي حنفيه فاروقيا جو پيش امام حافظ علي محمد عباسي کي پوليس مبينا مقابلي بعد رانوتي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائي ورتو. نوجوان جي بازيابي تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر خان مغل صحافين کي ٻڌايو ته ڏوھاري مغوي کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ته ڏوھارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جتي پوليس ۽ ھٿياربندن ۾ مقابلو ٿي پيو، ڏوھاري فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جتي پوليس مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ لا ھڪ وڏو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس مغوي کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ڀنگ ڀري بازيابي ڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button