پاڪستانسنڌ

سچل سرمست رحه جو 201 هون عرس 14 رمضان تي ٿيندو

خيرپور/ڪنب: هفت زبان شاعر حضرت عبدالوهاب فاروقي سچل سرمست رحه جو ساليانو 201 هون عرس مبارڪ 14 رمضان المبارڪ تي درازه شريف راڻيپور ۾ ٿيندو. سرڪاري تقريبن سميت ٻين اپائن جي جائزي لاءِ سچل يادگار ڪميٽي جي چيئرمين / ڊپٽي ڪمشنر سيف الله ابڙو اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ سميت انتظامي آفيسرن کي ساڻ ڪري درگاهه حضرت سچل سرمست رحه پهچي درگاهه تي دعا گهري. ڊي سي خيرپور محفل سماع هال، سچل سرمست رحه ڪامپليڪس، ڊسپنسري، نمائش گرائونڊ ۽ سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ معلومات حاصل ڪئي. ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ ڊي سي خيرپور کي سرڪاري پروگرامن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سرڪاري سطح تي حضرت سچل سرمست رحه جا سمورا پروگرام شيڊول ٿيل آهن، هر سال جيان هن سال به عرس مبارڪ جو افتتاح وزيراعليٰ سنڌ مزار تي چادر چاڙهي ڪندو، جنهن بعد محفل سماع هال ۾ سچل جو سُنگ ٿيندو. ڊي سي سيف الله ابڙو سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عرس جي موقعي تي پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. ان موقعي تي درگاهه حضرت سچل سرمست رحه جي نمائندي اڪبر شاهاڻي ۽ ٻين ڊي سي کي انتظامن بابت تجويزن سان آگاهي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button